اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني- ڪتاب

اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني- ڪتاب

اڪ جون ڦلڙيون ڀيڄ ڀني

اَڪ جون ڦُلڙيون ڀيڄ ڀِني (ڪتاب ):هي ڪتاب سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن ۾ نثري نظم شامل آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، ساڳئي نالي سان 1965ع ڌاري شايع ٿيو هو، پر مارشل لا جي سختيءَ سبب پڌرو نه ٿي سگهيو، بعد ۾ شيخ اياز هن ڪتاب جا ڪجهه نظم، ٻين نثري ڪتابن ۾ به داخل ڪيا. هن ڪتاب جي اهميت محسوس ڪندي، ڏاهي اديب محمد ابراهيم جويي شيخ اياز فائونڊيشن حيدرآباد پاران ڊسمبر 2002ع ۾ ان کي شايع ڪرايو. هن ڪتاب جو مهاڳ به محمد ابراهيم جويي لکيو آهي، ڪچي جلد جي 115 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو